جامعه دارالهديٰ

جامعه دارالهديٰ: ضلعي خيرپور جي ’ٺيڙهي‘ ڳوٺ ۾ مشهور درسگاهه، جامعه دارالهديٰ جنهن کي هن وقت ’دارالهديٰ حبيب آباد‘ چيو وڃي ٿو. هيءَ درسگاهه 1911ع ۾ قائم ٿي. شروع ۾ هڪ مسجد ۾ مدرسو کوليو ويو، بعد ۾ شهرت وڌڻ سبب ٻاهرين شاگردن جو اضافو ٿيو، تنهنڪري ضرورت مطابق درسگاهه لاءِ جدا عمارت ٺهرائي وئي. 1937ع ۾ اها عمارت ناڪافي محسوس ٿيڻ لڳي، تنهنڪري عام ماڻهن جي تعاون سان هڪ عاليشان عمارت ٺهرائي وئي. انهن ڪوششن ۾ شهر جي معزز شخص مولانا قاضي حبيب الله ۽ سندس ڀاءُ مولوي قاضي عزيز الله جو وڏو هٿ هو. پر هن مدرسي جو باني ۽ اصل محرڪ مولانا تاج محمود امروٽي هو. 1937ع ۾ مدرسي جي انتظام لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي. 1959ع ۾ دارالهديٰ ٺيڙهيءَ جو مستقل دستور مرتب ڪيو ويو ۽ انتظامي ڪاميٽيءَ کي رجسٽر ڪرايو ويو. مدرسي جون سرگرميون ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن: (1) تعليمي شعبو، (2) تبليغي شعبو، (3) فتويٰ وارو شعبو.

جامعه دارالهديٰ ۾ ابتدائي درجن کان وٺي اعليٰ تعليم جو مڪمل انتظام آهي. شروع ۾ چار سال سنڌي، اردو ۽ قرآن مجيد جي تعليم ڏني ويندي آهي. ان کان پوءِ ٻه سال فارسي ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ ادب سان گڏ اسلامي تاريخ ۽ آسان شرعي مسئلا ياد ڪرايا وڃن ٿا. خوشنويسي به هڪ لازمي مضمون آهي. ان کان پوءِ صرف نحو ۽ معاني، تفسير، حديث، فقھ، قانون، اصول فقه، رياضي، تاريخ، اقتصاديات ۽ سياست جي تعليم ڏني وڃي ٿي. اسلامي تعليمي ادارن ۾ هي واحد ادارو آهي، جنهن ۾ اقتصاديات ۽ سياست جي تعليم ڏني ويندي آهي. درسگاهه ۾ بهترين لائبرري به آهي، هر سال چڱي تعداد ۾ پاڪستان کان سواءِ ٻاهرين ملڪن جا شاگرد به هتي ايندا رهندا آهن. جن عالمن هتي درس ڏنو آهي تن ۾: مولانا حماد الله هاليجيءَ وارو، مولانا محمد راڻيپوري، مولانا قطب الدين انڍڙ، مولوي محمد شريف ڪشميري، مولانا قاري عزيز احمد ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن.



لفظ جامعه دارالهديٰھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو